welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

افغانستان ۾ تباهي مچائيندڙ زلزلو، فوتين جو انگ 1400 کان وڌي ويو، وڌيڪ وڌڻ جو خدشو

ڪنڙ:(اربع 03 سيپٽمبر 2025ع)افغانستان ۾ 6.0 شدت جي زلزلي وڏي تباهي مچائي آهي، جنهن ۾ 1,411 ماڻهو مارجي ويا آهن. افغان حڪومت جي ترجمان ذبيح الله مجاهد جي مطابق، زلزلي ۾ هزارين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، 3,251 ماڻهو زخمي ٿيا آهن ۽ 8,000 کان وڌيڪ گهر تباهه ٿي ويا آهن. افغان سرڪاري ميڊيا موجب، سڀ کان وڌيڪ جاني ۽ مالي نقصان ڪنڙ صوبي ۾ ٿيو آهي. زلزلي جو مرڪز ننگرهار صوبي جي جلال آباد شهر جي ويجهو هو، جنهن جي کوٽائي 8 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. رپورٽن مطابق، زلزلو مقامي وقت مطابق رات 11:47 تي آيو، جڏهن ته لڳ ڀڳ 20 منٽن بعد، ساڳئي علائقي ۾ 10 ڪلوميٽر جي کوٽائي سان 4.5 شدت جو ٻيو آفٽر شاڪ محسوس ڪيو ويو. هن زلزلي کي تازو سالن ۾ افغانستان ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ قدرتي آفتن مان هڪ قرار ڏنو پيو وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے