ميڪسيڪو:(اڱارو 09 سيپٽمبر 2025ع)ميڪسيڪو ۾ هڪ تيز رفتار بس مال گاڏي سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 10 ماڻهو مارجي ويا ۽ 61 زخمي ٿيا.
خبر ايجنسي موجب، حادثو گاديءَ واري هنڌ ميڪسيڪو سٽي کان 115 ڪلوميٽر اتر اولهه ۾ واقع هڪ شهر جي ويجهو هڪ صنعتي زون ۾ پيش آيو.
ميڪسيڪو رياست جي اٽارني جنرل پرڏيهي ميڊيا کي ٻڌايو ته فوت ٿيلن ۾ ست عورتون ۽ ٽي مرد شامل آهن، ۽ ڪجهه زخمين جي حالت نازڪ آهي.
ميڊيا رپورٽ موجب، ٽرين آپريٽر چيو ته بس ڊرائيور هلندڙ ٽرين جي سامهون ڊوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن سبب حادثو پيش آيو.
خبر ايجنسي وڌيڪ چيو ته ريلوي عملدارن متاثرين جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ ڊرائيورن کي روڊ تي لڳل نشانين جو احترام ڪرڻ ۽ ٽرين ڪراسنگ جي حڪمن تي عمل ڪرڻ لاءِ چيو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language