welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڊمپر ساڙڻ ڪيس ۾ گرفتار نوجوانن جي بيگناهي، وڪيلن جا انڪشاف

ڪراچي:(خميس 21 آگسٽ 2025ع)دهشتگردي جي روڪٿام عدالت جي جج راشد منہاس روڊ تي ڊمپرز ساڙڻ جي ڪيس ۾ گرفتار جوابدرن جي ضمانت جي درخواستن کي عدالت نمبر 5 ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو. ڪيسن ۾ گرفتار ٿيلن جي وڪيلن موقف اختيار ڪيو ته پوليس بيگناهن کي پڪڙي هن ڪيس ۾ ڦاسايو آهي، جڏهن ته واقعي سان انهن جو ڪو به تعلق ناهي. ياد رهي ته يوسُف پلازه پوليس 9 ۽ ايف بي انڊسٽريل ايريا پوليس 7 ماڻهن کي گرفتار ڪيو هو، يوسُف پلازه ڪيس ۾ عمر ايوب، محمد مراد، محمد وليد، ضمن حسين، وسام عابد، محمد معاذ، امام علي، سيد ثقلين ۽ مومن شامل آهن، جڏهن ته ايف بي ايريا واري ڪيس ۾ عمر ايوب، محمد مراد، محمد وليد، ضمن حسين، وسام عابد، ڪاشان ۽ فرهاد شامل آهن. وڪيلن جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ دهشتگردي کي روڪڻ جي دفعا لاڳو ئي نٿيون ٿين، پر پوليس بنا جواز انهن کي شامل ڪيو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته جنهن ڊمپر ڊرائيور جي ٽڪر ۾ ٻه معصوم ڀائر ڀيڻ فوت ٿيا، ۽ والد زخمي ٿيو، ان خلاف عام دفعا تحت ڪيس داخل ٿيو، پر نوجوانن کي دهشتگردي قانون هيٺ ڦاسايو ويوآهي. گرفتار ٿيلن جي وارثن به موقف اختيار ڪيو ته سندن ٻار واقعي واري وقت پنهنجي روزاني معمول ۾ مصروف هئا، هڪ 15 ورهين جو شاگرد ثقلين، جيڪو پنهنجي خاله جي گهر مجلس ۾ ويو هو، دوا وٺڻ نڪريو ته پوليس کيس به گرفتار ڪري ڇڏيو. سينيئر وڪيل حسن صابر ايڊووڪيٽ جو چوڻ هو ته واقعو ٻن ٿاڻن جي حد ۾ ٿيو، پر جاچ هڪ ئي آفيسر کي ڪرڻي پوندي. هن چيو ته پوليس عوامي ردعمل تي بيگناهن کي گرفتار ڪري رهي آهي، جڏهن ته اصل ذميوار ڊمپر مافيا آهي، جيڪا بغير لائسنس ۽ ٽريننگ جي ڊرائيورن کي گاڏيون هلائڻ تي لڳائي ٿي. سينيئر وڪيل عابد زمان جو سندس چوڻ هو ته اهڙن واقعن ۾ عام طور سيڪشن 320 ۽ 322 لاڳو ٿينديون آهن، پر ناجائز طور تي دهشتگردي جون دفعا لاڳو ڪيون ويون آهن، پوليس ويڊيوز ۾ بيگناهن کي به جوبدار ٺاهي رهي آهي، جڏهن ته اصل ۾ چند ماڻهو گاڏيون ساڙڻ ۾ ملوث هئا. وڪيلن جو چوڻ آهي ته ڊمپر ايسوسيئيشن ۽ حڪومت کي ذميواري کڻي، ڊرائيورن جي صحيح ٽريننگ ۽ لائسنسنگ کي يقيني بڻائڻ گهرجي، جيڪڏهن انتظاميا پنهنجو ڪردار ادا نه ڪندي ته اهڙا واقعا ورججندا رهندا ۽ بيگناهه نوجوان جيلن ۾ پوندا رهندا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے