
اسلام آباد:(ڇنڇر 09 آگسٽ 2025ع)پاڪستان ڀارتي فضائيه جي سربراهه ايئرمارشل اي پي سنگھ پاران "آپريشن سندور" بابت ڍدعوائن کي بي بنياد ۽ غير حقيقي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
وفاقي وزير دفاع خواجه آصف چيو ته ڀارتي فوج جي سينئر آفيسرن کي انهن ناڪامين جو چهرو بڻائڻ حيرت انگيز آهي، جيڪي دراصل ڀارتي سياسي قيادت جي حڪمت عملي واري کوٽ جو نتيجو آهن.
هن چيو ته ٽن مهينن تائين ڀارت پاران اهڙي ڪو به دعويٰ نه ڪئي وئي، جڏهن ته پاڪستان فوري طور تي عالمي ميڊيا کي ٽيڪنيڪل حوالي سان تفصيلي آگاهي ڏني، غير جانبدار مبصرن ۽ پرڏيهي انٽيليجنس رپورٽن ڪيترن ئي ڀارتي جهازن، جن ۾ رافيل به شامل آهن، جي تباھي جي تصديق ڪئي، جنهن جو اعتراف ڪجهه عالمي اڳواڻن ۽ ڀارتي سياستدانن پڻ ڪيو.
وزير دفاع جو چوڻ هو ته ڀارت هڪ به پاڪستاني جهاز کي نشانو بڻائڻ ۾ ناڪام رهيو، جڏهن ته پاڪستان 6 ڀارتي جنگي جهاز، ايس-400 ايئر ڊيفنس سسٽم، ڀارتي ڊرونز تباهه ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪيترائي ڀارتي فضائي اڏا به ناڪاره ڪري ڇڏيا.
خواجه آصف ٻڌايو ته لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج کي وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو، پاڪستان ڀارت کي چيلينج ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي جهازن جي فهرستون آزاد ماهرن آڏو پيش ڪيون وڃن، پر ممڪن آهي ته ڀارت اهڙي قدم کان پاسو ڪري.
هن وڌيڪ چيو ته جنگون ڪوڙ سان نه پر اخلاقي برتري، قومي عزم ۽ پيشاورانه مهارت سان کٽبيون آهن، اهڙيون بي بنياد ڳالهيون نه صرف عوام کي گمراه ڪن ٿيون پر ايٽمي خطي ۾ خطرناڪ حڪمت عمليءَ جي غلط جو سبب بڻجي سگهن ٿيون.
خواجه آصف ياد ڏياريو ته "آپريشن بنيانِ مرصوص" دوران به پاڪستان واضح ڪيو هو ته ملڪ جي خودمختياري ۽ علائقائي جي هر ڀڃڪڙي جوڀرپور جواب ڏنو ويندو ۽ ممڪن بگڙجندڙ صورتحال جي ذميواري انهن ڀارتي اڳواڻن تي هوندي، جيڪي مختصر سياسي فائدي لاءِ علائقي جي امن کي خطري ۾ وجهن ٿا.
ياد رهي ته ڀارتي ايئرچيف، بنگلور ۾ هڪ يادگار ليڪچر دوران، "آپريشن سندور" بابت ڳالهائيندي، 6 پاڪستاني جهازن کي مارن جي دعويٰ ڪئي هئي، جنهن ۾ سندس چوڻ موجب 5 جنگي ۽ هڪ ريڊار جهاز شامل هئا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language