welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

شهرين پاران: قاضيه واھ ۾ گهار پوڻ جو امڪان، ڪپرن کي مضبوط ڪرڻ جو مطالبو

بدين:(ڇنڇر 09 آگسٽ 2025ع)بدين جي شهر مان گذرندڙ قاضيه واھ جي ٻنهي ڪپرن کي مضبوط ڪرڻ ۽ برساتن دوران گهارا پوڻ کان بچاءُ لاءِ ٺاهيل ديوار موجوده برساتن دوران ڌماڪي سان هنڌان هنڌان ڊهي پئي آهي. شهرين موجب ته ٻيو دفعو ڪروڙين روپيا خرچ ڪري مرمت ڪرڻ باوجود ديوارون ڪري پيون آهن، جنهن ڪري تيز برساتن کان پوءِ قاضيه واھ ۾ گهارا پوڻ جا امڪان آهن، جنهن سان اڌ شهري جي آبادي ٻڏي سگهي ٿي. شهرين وزير اعلي سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي، ته بدين جي شهر مان وهندڙ قاضيه واھ جي ٻنهي ڪپرن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ٺاهيل ديوار جو غير تسلي بخش ڪم ڪندڙ انجنيئر خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ۽ ٻيهر بهتر طريقي سان ديوار جو مرمتي ڪم ڪري شهر کي ٻڏڻ کان بچايو وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے