welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪراچي ۾ خطرناڪ ڏوهارين کي پڪڙيندڙ پوليس آفيسر گهر جي اوطاق تي قتل

ڪراچي:(اڱارو 19 آگسٽ 2025ع)ڪراچي جي علائقي ملير بن قاسم ۾ ڪجه ڏينهن اڳ خطرناڪ ڏوهارين کي گرفتار ڪندڙ پوليس اهلڪار کي اڻڄاتل ماڻهن گهر جي اوطاق تي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب شهيد اهلڪار جي سڃاڻپ محمد خان ابڙو نالي ٿي آهي، جيڪو اسٽيل ٽائون ٿاڻي ۾ اي ايس آءِ مقرر هو ۽ کيس گهر ٻاهران ان وقت نشانو بڻايو ويو جڏهن هن کي سادا ڪپڙا پاتل هئا. پوليس موجب اڳ به شهيد اهلڪار تي فائرنگ ٿي چڪي هئي، جڏهن ته شهيد اهلڪار خطرناڪ ڏوهارين کي پڪڙيو هو. واقعي هنڌ تان پنج خول مليا، جڏهن ته اي ايس آءِ کي ٽي گوليون لڳل هيون، مقتول جي لاش کي قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس جي ٽيم به جاچ لاءِ پهتي. ايس ايس پي ملير عبدالخالق پيرزادو، ٻڌايو ته مقتول اي ايس آءِ محمد خان ابڙو کي ٽي کان وڌيڪ گوليون هڻيون ويون. جڏهن ته واقعي واري هنڌ جي آسپاس ڪٿي به سي سي ٽي وي ڪئميرا موجود نه هئا، واقعي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته شهيد اي ايس آءِ کي قتل جون ڌمڪيون ملي رهيون هيون، ڊي ايس پي عامر حميد ٻڌايو ته شهيد جا ڀائر به پوليس ۾ شامل آهن. رپورٽ موجب مقتول کي قتل جون ڌمڪيون ملي رهيون هيون ۽ ڪجهه وقت اڳ هن مقابلي دوران خطرناڪ ڏوهارين کي به گرفتار ڪيو هو. وارثن ٻڌايو ته شهيد اي ايس آءِ خلاف گذريل ڏينهن اسٽيل ٽائون ۾ ڪيس داخل ٿيو هو، ۽ اڄ هو عدالت مان ضمانت وٺڻ کان پوءِ پنهنجي ڀاءُ جاويد ابڙو سان گڏ گهر پئي آيو ته گاڏي مان لهندي ئي اڻڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. وارثن موجب محمد خان ابڙو جا چار ٻار آهن، جڏهن ته سندس وڏو پٽ قانون لاڳو ڪندڙ اداري ۾ اهلڪار آهي، جنهن جي مقرري هن وقت گلگت ۾ آهي. ٻئي پاسي وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه بن قاسم ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ اي ايس آءِ محمد خان ابڙو جي شهادت جو نوٽيس وٺندي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ آءِ جي پوليس کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي. وزيراعليٰ جوابدارن جي فوري گرفتاري جو حڪم ڏنو ۽ شهيد اي ايس آءِ جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے