welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

تعليم کاتي جو حيرت انگيز ڪارنامو، فوت ٿيل استاد کي شوڪاز نوٽيس جاري

سکر:(اڱارو 19 آگسٽ 2025ع)تعليم کاتي جو حيرت انگيز ڪارنامو! فوت ٿيل استاد کي شوڪاز نوٽيس جاري. سکر ريجن جي ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن پرائمري، علي اڪبر ڪلهوڙو تعليم کاتي جي هڪ عجيب ڪارروائي ڪندي تعلقه ناري جي رهواسي پرائمري استاد، اطهر قيوم شر، کي غير حاضري تي فائنل شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته کيس بار بار نوٽيس موڪليا ويا پر ڪو جواب نه مليو، تنهن ڪري هڪ هفتي اندر وضاحت پيش نه ڪرڻ جي صورت ۾ وڌيڪ قدم کنيا ويندا. جڏهن ڄاڻايل استاد ست مهينا اڳ ئي فوت ٿي چڪو آهي، هي ڪارروائي تعليم کاتي جي انتظامي ڪمزورين ۽ لاپرواهيءَ جو کليل ثبوت بڻجي وئي آهي. جيڪا استاد برادري ۽ شهري حلقن ۾ تنقيد جو موضوع بڻيل آهي۔

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے