
ڪراچي:(اڱارو 19 آگسٽ 2025ع)مشهور گلوڪاره صنم ماروي ۽ آرٽس ڪونسل آف پاڪستان ڪراچي جي صدر احمد شاهه جي وچ ۾ جاري تڪرار ختم ٿي ويو، ٻنهي غلط فهميون ختم ڪري هڪ ٻئي کي معاف ڪري ڇڏيو.
ڪجهه ڏينهن اڳ صنم ماروي احمد شاهه کي 5 ڪروڙ روپيه هرجاڻي جو نوٽيس اماڻيو هو جنهن ۾ الزام لڳايو ويو هو ته 10 آگسٽ تي سکر ۾ سنڌ حڪومت جي هڪ پروگرام کيس ڌڪا ڏنا ويا، نامناسب زبان استعمال ڪئي وئي ۽ ڌمڪيون به ڏنيون ويون. گلوڪاره مطالبو ڪيو هو ته هو هڪ هفتي جي اندر معافي گهري ٻئي صورت ۾ قانوني ڪارروائي کي منهن ڏئي.
احمد شاهه اهڙن الزامن کي رد ڪندي چيو هو ته هن نه ته توهين ڪئي ۽ نه ئي ڪنهن قسم جون ڌمڪيون ڏنيون پر هاڻ صوبائي وزير ثقافت سيد ذوالفقار علي شاهه ۽ ليکڪ نورالهديٰ شاهه جي مداخلت سان ٻنهي شخصيتن جي وچ ۾ صلح ٿي وئي.
ثقافت واري وزير پنهنجي فيس بڪ پيج تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ احمد شاهه صنم ماروي کي ننڍي ڀيڻ ۽ ڌيءَ قرار ڏيندي چيو ته اسان جي وچ ۾ سالن کان پراڻا لاڳاپا آهن صرف غلط فهمي جي بنياد تي تڪرار سامهون آيا. هن تسليم ڪيو ته سندس اسٽاف جي نامناسب رويي سان گلوڪاره کي تڪليف پهتي، پر هاڻ سمورا اختلاف ختم ٿي ويا آهن.
صنم ماروي به بيان جاري ڪندي چيو ته سنڌ جي روايت موجب مان پنهنجا سمورا الزام واپس وٺي رهي آهيان هن صلح ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي سيد ذوالفقار علي شاهه ۽ نورالهديٰ شاهه جو ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته هو سنڌ جي عوام جي ٿورائتي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language