welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

چين طرفان پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهين ۽ جاني مالي نقصان تي گهري ڏک جو اظهار

بيجنگ:(اڱارو 19 آگسٽ 2025ع)چين پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهين ۽ جاني مالي نقصان تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي. چين جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته ٻوڏ سبب فوت ٿي ويلن جي وارثن ۽ زخمين سان گهري همدردي آهي، يقين آهي ته پاڪستاني عوام هن آفت تي ڪنٽرول ڪري جلد بحالي طرف ايندو . چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته چيني پرڏيهي وزير وانگ اي پنهنجي پاڪستاني هم منصب اسحاق ڊار سان تعزيت به ڪئي آهي. ترجمان موجب چيني سفارتخاني پاڪستان ۾ موجود چيني شهرين جي خير خبر وٺي رهيو آهي. في الحال ٻوڏ صورتحال ۾ ڪنهن به چيني شهري جي فوت يا زخمي ٿيڻ جي اطلاع نه آهي. ياد رهي ته ملڪ ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب فوتين جو انگ 650 کان وڌي ويو آهي. نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي(اين ڊي ايم اي) موجب 26 جون کان هينئر تائين برسات، لينڊ سلائيڊنگ ۽ ٻوڏ سبب ٿيل حادثن ۾ هينئر تائين 657 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے