حيدرآباد:(اڱارو 19 آگسٽ 2025ع)سي ٽي ڊي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اداري طرفان نسيم نگر ٿاڻي جي حد ۾ ڪارروائي ڪئي وئي آھي، ھڪ انعام رکيل جوابدار سوڌو ٽي ڄڻا گرفتار ڪيا ويا آھن.
سي ٽي ڊي ترجمان موجب گرفتار جوابدارن وٽان ھٿيار، دستي بم ۽ ٻيو بارودي مواد ھٿ ڪيو ويو آھي، ھڪ جوابدار 2023 دوران ٻولھاڙي ريلوي ٽريڪ تي ٿيل ڌماڪي ۾ روپوش ھو سندس مٿان 20 لک رپيا انعام رکيل هو.
روپوش جوابدار جي موجودگيء واري اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي آھي، دستي بم ۽ ٻيو بارودي مواد ھٿ اچڻ تي بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي به طلب ڪيو ويو، سي ٽي ڊي پوليس في الحال گرفتار جوابدارن جا نالا ظاھر نه ڪيا آھن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language