welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ صبح سوير کان برسات جو سلسلو شروع، ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل

ڪراچي:(اڱارو 19 آگسٽ 2025ع)ڪراچي ۽ حيدرآباد مختلف علائقن ۾ صبح سوير کان برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو ۽ چڪ جي آس پاس ۾ پڻ بوندا باندي ٿي جنهن جي نتيجي ۾ موسم خوشگوار ٿي ويو آهي. برسات سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي. جنهن سبب رهواسي ۽ ڪاروباري ماڻهو سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. ڪراچي جي علائقي شاهراهه فيصل، شاهه فيصل ڪالوني، ايئرپورٽ، ماڊل ڪالوني جي چوڌاري وارن علائقن ۾ برسات پئي انهي کان علاوه آءِ آءِ چندريگر روڊ، ڊفينس، گلستان جوهر، ناظم آباد ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ به ڪڪر وسيا آهن جنهن سبب موسم خوشگوار ٿي ويو آهي. حيدرآباد ۾ به ٽاور مارڪيٽ، قاسم، آباد نسيم ننگر، لطيف آباد، ڦليلي، حيدر چوڪ، ڊفينس ۽ ٻين علائقن ۾ برسات سبب موسم خوشگوار ٿي ويو، برسات سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ برساتي پاڻي بيهجي ويو، جڏهن ته بجلي جي فراهمي پڻ معطل ٿي وئي آهي. انهي حوالي سان موسمياتي تجزيه ڪار جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي جڏهن ته اڱاري ۽ اربع تي ڪراچي ۾ تيز برسات جو امڪان رهندو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته 23 آگسٽ تائين جاري رهندڙ سسٽم جي دوران سموري شهر ۾ 2 کان 3 اسپيل اچي سگهن ٿا. اسپيل جي دوران شهر جي مختلف هنڌن تي 40 کان 50 ملي ميٽر برسات پئجي سگهي ٿي ڪجهه هنڌن تي 70 کان 80 ۽ ڪنهن ڪنهن هنڌ تي 100 ملي ميٽر برسات جو امڪان آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے