
پشاور:(اڱارو 19 آگسٽ 2025ع)خيبرپختونخواهه ۾ برسات، ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب وڌيڪ 45 ڄڻا فوت ٿي ويا. جنهن کان پوءِ فوتين جو گڏيل انگ 358 تائين پهچي ويو آهي.
صحت بابت صلاحڪار احتشام علي ٻڌايو ته ٻوڏ سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 45 فوتگيون ۽ 33 زخمي رپورٽ ٿيا. صحت کاتو هنگامي بنيادن تي متاثر علائقن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
پي ڊي ايم اي صوبي جي مختلف ضلعن ۾ هينئر تائين ٿيل جاني ۽ مالي نقصانن بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن موجب صوبي ۾ ٿيل برسات ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب مختلف حادثن ۾ هينئر تائين 358 ڄڻا فوت، 181 زخمي ٿيا آهن اهي حادثا صوبي جي مختلف ضلعن سوات، بونير، باجوڙ، مانسهره، شانگله، دير لوئر، بٽگرام ۽ صوابي ۾ پيش آيا.
رپورٽ موجب فوت ٿي ويل ماڻهن ۾ 287 مرد، 41 عورتون ۽ 30 ٻار شامل آهن جڏهن ته زخمين ۾ 144 مرد، 27 عورتون ۽ 10 ٻار شامل آهن گڏيل طور تي 780 گهرن کي نقصان پهتو جنهن ۾ 431 گهرن کي جزوي ۽ 349 گهر مڪمل پٽ پئجي ويا. ٻوڏ سبب وڌيڪ متاثر ضلعي بونير ۾ هينئر تائين گڏيل طور تي 225 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.
پي ڊي ايم اي موجب 17 کان 19 آگسٽ جي دوران تيز برساتن جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي جڏهن ته برسات جو موجوده سلسلو 21 آگسٽ تائين وقفي وقفي سان جاري رهڻ جو امڪان آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language