ڪوئيٽا:(اڱارو 19 آگسٽ 2025ع)دهشتگردي جي انت واري عدالت دهشتگردن جي سهولتڪاري جي الزام ۾ هيوٽمز يونيورسٽي جي گرفتار ليڪچرار ڊاڪٽر عثمان قاضي کي 14 ڏينهن جي ريمانڊ تي سي ٽي ڊي جي حوالي ڪري ڇڏيو.
ڪوئٽه ۾ 12 آگسٽ تي گرفتار ڪيل بيوٽمز يونيورسٽي جي ليڪچرار ڊاڪٽر عثمان قاضي کي سي ٽي ڊي طرفان دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
عدالت ڊاڪٽر عثمان قاضي جو 14 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪري ورتو. بيوٽمز يونيورسٽي جي ليڪچرار ڊاڪٽر عثمان قاضي کي پابندي مڙهيل تنظيم لاءِ سهولتڪاري جي الزام هيٺ 12 آگسٽ تي سندس گهر مان گرفتار ڪيو ويو هو.
ڊاڪٽر عثمان قاضي وڊيو بيان ۾ دهشتگردي جي ڪيترن ئي واقعن ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جي سهولتڪاري جو اعتراف پڻ ڪيو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language