ڪراچي:(ڇنڇر 23 آگسٽ 2025ع)ڪراچي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ تيز برساتن دوران عورت سان جنسي زيادتي ڪندڙ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب، جوابدار جي سڃاڻپ حفيظ الله جي نالي سان ٿي آهي، جنهن ٻوڏ ۽ برساتن دوران روڊ تي هلندڙ هڪ عورت سان جنسي زيادتي ڪئي هئي، جنهن جي وڊيو پڻ وائرل ٿي هئي.
پوليس موجب، جوابدار کي جمشيد ڪوارٽر پوليس اسٽيشن جي حد مان گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جوابدار خلاف ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language