welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پاڪ فوج بلوچستان ۾ پائيدار امن ۽ ترقي جي حمايت جاري رکندي: فيلڊ مارشل

راولپنڊي:(ڇنڇر 23 آگسٽ 2025ع)فيلڊ مارشل ۽ آرمي چيف عاصم منير چيو ته پاڪ فوج بلوچستان جي عوام سان گڏ آهي ۽ صوبي ۾ پائيدار امن ۽ ترقي جي ڪوششن جي حمايت جاري رکندي. پاڪستان آرمي پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير بلوچستان جي تربت علائقي جو دورو ڪيو جنهن دوران وزير اعليٰ بلوچستان مير سرفراز بگٽي، چيف سيڪريٽري بلوچستان ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير کي صوبي ۾ بغاوت خلاف مختلف منصوبن ۽ ڪامياب آپريشنز بابت بريفنگ ڏني وئي. آءِ ايس پي آر جي مطابق، آرمي چيف هن موقعي تي سٺي حڪمراني ۽ انفراسٽرڪچر جي ترقي جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ بلوچستان جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سول ۽ فوجي ادارن جي تعاون کي ضروري قرار ڏنو. آءِ ايس پي آر چيو ته فيلڊ مارشل ڏکڻ بلوچستان جي سماجي ۽ معاشي ترقي لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪ فوج بلوچستان جي عوام سان گڏ آهي ۽ پائيدار امن ۽ ترقي جي ڪوششن جي حمايت جاري رکندي. آرمي چيف جنرل عاصم منير امن برقرار رکڻ ۾ فوجي اهلڪارن جي ڪردار جي تعريف ڪئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے