welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سڄي ملڪ ۾ بجلي جو هڪجهڙو ماهوار ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد:(ڇنڇر 23 آگسٽ 2025ع)وفاقي حڪومت پاران سڄي ملڪ ۾ هڪجهڙا ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان هڪ اهم پاليسي تبديلي ڪئي وئي آهي. وفاقي ڪابينا ڪراچي سميت سڄي ملڪ لاءِ هڪجهڙا ماهوار ٽيرف ايڊجسٽمينٽ لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان کان اڳ، ڪي-اليڪٽرڪ لاءِ الڳ ماهوار ايڊجسٽمينٽ لاڳو ڪئي وئي هئي ۽ باقي ملڪ لاءِ الڳ ماهوار ايڊجسٽمينٽ. وفاقي ڪابينا 19 آگسٽ تي اقتصادي رابطا ڪميٽي جي فيصلي جي منظوري ڏني آهي، جنهن تحت بجلي جي قيمت ۾ ماهوار ايڊجسٽمينٽ سڄي ملڪ لاءِ هڪجهڙي هوندي. ٻنهي صورتن ۾، فيول ايڊجسٽمينٽ ۾ گهٽتائي يا واڌ سڄي ملڪ لاءِ ساڳي هوندي، بنيادي بجلي ٽيرف ۽ ٽه ماهوار ايڊجسٽمينٽ ڪراچي سميت سڄي ملڪ لاءِ هڪجهڙي لاڳو هوندي. نئين فيصلي تحت، ماهوار ايڊجسٽمينٽ به ٽه ماهي ۽ بنيادي ٽيرف وانگر سڄي ملڪ لاءِ هڪجهڙي هوندي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے