welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڏيئي ويجھو ايل بي او ڊي سم نالي کي 25 فوٽ گھارو، مختلف ڳوٺن کي خطرو

ڏيئو:(ڇنڇر 23 آگسٽ 2025ع)ڏيئي ويجهو کريڙي برانچ ايل بي او ڊي سم نالي کي 129 آر ڊي وٽان 25 فوٽن جو گهارو پوڻ ڪري ڳوٺ محمد علي ڪاڪيپوٽو، ڳوٺ حاجي بندالي جروار، ڳوٺ فوٽو خان جروار، ڳوٺ سيد خان جروار، ڳوٺ پتاشو خان جروار ۽ ان جي ڀرپاسي جي ٻين ڳوٺن ۾ پاڻي تيزي سان وڌڻ لڳو آهي، ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، اطلاع باوجود سم نالي کي لڳل گهاري وارا هنڌ تي ناهين پهتا، جڏهن ته گھاري سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل ٻڏي ويو، آبادگارن کي ڪروڙين رپين جو نقصان گھاري سبب سمورن ڳوٺن ۾ خوف واري صورتحال ماڻهون گھرن ۾ پاڻي داخل ٿيڻ جي خوف کان گھر خالي ڪرڻ لڳا آهن. ياد رهي ته ڊرينيج هٿارٽي جي نااهلي سبب ڪجهه سالن اڳ به سم نالي کي ساڳين ئي هنڌان پڻ گهارو لڳو هو، جنهن سوين ايڪڙن تي بيٺل زرعي فصل پاڻي هيٺ اچي ويا هئا ۽ ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچڻ ڪري ڳوٺاڻن لڏ پلاڻ ڪئي هئي اهو گهارو ٽن ڏينهن بعد بند ڪيو ويو هو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے