
ٽنڊو محمد خان:(ڇنڇر 23 آگسٽ 2025ع)ٽنڊو محمد خان جي سعيدپور ۾ 14 سالا نينگري سان زبردستي شادي لاءِ 2 ڏينهن قيد ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ان ڏس ٽنڊو محمد خان جي سعيد پور ويجهو 14 سالا نينگري شاهده ملاح کي 3 ڏينهن اڳ بااثر شخص طرفان مبينا طور زبردستي شادي ڪرڻ لاءِ زور بار ڪرڻ تي 2 ڏينهن پنهنجي حويلي جي اندر قيد ڪري مارڪٽ تشدد ڪرڻ خلاف وارثن ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو 14 ورهين جي نينگري شاهده ملاح، سندس پيرسن والده مسمات ستابي ، پيرسن والد آچار ملاح ۽ ٻين الزام لڳايو ته بااثر شخص اسان جي 14 سالا نينگري سان زبردستي شادي ڪرڻ چاهي ٿو جنهن لاءِ کيس 2 ڏينهن 2 راتيون سندس حويلي جي اندر زبردستي قيد ڪري وري ماءُ پيءُ جي روڄ راڙي ڪرڻ تي کين واپس ڏني وئي آهي پر اهو چئي ڇڏيو ويو آهي ته ڇوڪري کي هر حالت ۾ شادي لاءِ راضي ڪريو ، جنهن جو نڪاح ڪرائي پرڻو ڪيو ويندو، پرڻو نه ڪندي ته ڳوٺ مان پنهنجا ٽپر کڻي لڏي وڃو نه ته توهان کي جاني مالي نقصان ڏينداسين، متاثر خاندان آئي جي سنڌ ، ڊي آئي جي حيدرآباد ، ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته 14 سالا نينگري کي زبردستي شادي ڪرڻ لاءِ زور بار ڪرڻ سندس مٽن مائٽن کي مارڪٽ ۽ تشدد ڪرڻ سان گڏ هاڻي قتل ڪرڻ جي ڏنل ڌمڪين ۾ ملوث بااثر ماڻهن خلاف قانون جي موجب ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ هُو سخت احتجاج ڪندا .
0 تبصرے
Do not use vulgar language