دوڙ:(ڇنڇر 23 آگسٽ 2025ع)دوڙ شھر ۾ برياني وڪرو ڪندڙ نوجوان پورهيت نثار احمد پٽ محمد رمضان لاشاري کي بنگلوز ڪالوني ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي، نوجوان جو لاش دوڙ اسپتال آندو ويو، جڏهن ته واقعي بعد برادري توڙي شهري اسپتال پهچي ويا، اسپتال ۾ مقتول جي ڀاءُ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڀاءُ کي ڪرم جمالي ۽ 3 نامعلوم جوابدارن فائرنگ ڪري قتل ڪيو آهي مقتول مسجد مان نماز پڙهي واپس گهر اچي رهيو هو ته کيس گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي، اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي مقتول جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، جڏهن ته اسپتال ۾ ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جو لاش گهر پهچڻ تي عزيزن ۾ ڪهرام مچي ويو آهي، هوڏانهن دوڙ پوليس جو چوڻ آهي ته قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، هو گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن، کين جلد گرفتار ڪيو ويندو، ياد رهي ته آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language