welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

حياتي بچائڻ وارين دوائن جي اگهن ۾ پاڻمرادو ٽيڻ تي اضافو: وزيراعظم پاران ناراضپو ظاهر

اسلام آباد:(ڇنڇر 23 آگسٽ 2025ع)حياتي بچائڻ وارين دوائن جي قيمتن ۾ پاڻمرادو ٽيڻ تي اضافو، وزيراعظم پاران ناراضپو: ان ڏس ۾ سرڪار پاران مختلف دوائن جي قيمتن کي ڊي ڪنٽرول ڪرڻ بعد قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي، رپورٽ موجب ته ملٽي وٽامن نيوروبيان انجيڪشن جي پيڪٽ جي قيمت 1100 کان وڌي 1400 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته فليجل ٽيبلٽ جي پيڪٽ جي قيمت 803 کان وڌائي 923 رپيا، رت جي کوٽ لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪيپسول سينگوبيان جي قيمت 230 کان وڌائي 300 رپيا، پونسٽان فورٽ جي پيڪٽ جي قيمت 865 کان وڌائي 1095 رپيا ۽ پونسٽان سادي جي پيڪٽ جو ملهه 1800 کان وڌائي 2108 رپيا ڪيو ويو، اسڪارڊ پلس 156 کان وڌائي 256 رپيا، ڊڪلوران ٽيبلٽ 170 کان وڌائي 365 رپيا، شگر لاءِ استعمال ٿيندڙ سيٽاميٽ جو پيڪٽ 470 کان وڌائي 650 رپيا، ميوڪين سيرپ 156 کان وڌائي 173 رپيا ڪئي وئي آهي، ساڳئي وقت بلڊ ڪينسر جي دوا 62500 کان وڌائي 70 هزار رپيا ڪئي وئي، هوڏانهن وزيراعظم دوائن جي قيمتن ۾ واڌ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي دوائن جي قيمتن جي تعين جي سمري واپس ڪري ڇڏي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے