welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

دَھشَتَ دمَ دَرياءَ ۾: سنڌو جي وهڪرن سمنڊ کي واپس ڌڪي ڇڏيو، تمر جا ٻيلا به سيراب

ٺٽو:(ڇنڇر 23 آگسٽ 2025ع)سنڌو درياءَ ۾ وڌندڙ وهڪري ڊيلٽا تائين پهچي سمنڊ هيٺ آيل ڪريڪس ۾ داخل ٿيڻ بعد حجامڙو ڪريڪ ۾ پوکيل تمر جي ٻيلن کي سيراب ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڪوٽڙي بئراج جي هيٺائين پاسي سنڌو درياءَ ۾ ڏيڍ لک ڪيوسڪ وهڪري سنڌوءَ جي آخري پک شهيد دولھه درياءَ خان وٽان گذري دريائي مياڻ جنگيسر کي آباد ڪرڻ سان گڏ ڊيلٽا ۽ هتان جي سنڌوءَ جي ڇاڙن، منهن (ڪريڪس) ڦاٽ، روڙو، گھوڙو، ترڇاڻ، سنهڙي ۽ حجامڙو ڪريڪ تائين پهچي موجود سمنڊ کي پڻ پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي، رابطي ڪرڻ تي فشرفوڪ فورم جي اڳواڻ ۽ ڪيٽي بندر واسي گلاب شاھه پڻ تصديق ڪندي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو آهي ته سنڌوءَ ۾ پاڻي جي اچڻ بعد سنڌو جو وهڪري کاري ڇاڻ جي ڦاٽ درياءَ تائين پهچي ويو آهي، هن چيو ته وڌندڙ وهڪري نه رڳو کاروڇاڻ جي ڦٽ درياءَ تائين پهتو آهي، اهو ئي وهڪرو اڳتي سنڌوءَ جي سمنڊ هيٺ آيل ڇاڙن يا منهن ( ڪريڪس) روڙو، گھوڙو، ترڇاڻ، سنهڙي ۽ حجامڙو ڪريڪ تائين پهچي سمنڊ کي پري ڌڪي ڇڏيو آهي، هن چيو ته سنڌوءَ جي مٺي پاڻي جي حجامڙو ڪريڪ تائين وڃڻ ڪري پڻ هتان جي پوکيل تمر جي ٻيلن ۾ مڇي جي ڪيترين ئي نسلن جي پڻ افزائش شروع ٿي وئي آهي ۽ پڻ پلو هڪ پاءَ کان ويندي ڪلو تائين ٿي ويو آهي، هن چيو ته سنڌوءَ جي پاڻي جي ڊيلٽا ۽ سامونڊي پٽي ۾ پهچڻ تي پڻ هتان جي مهاڻن ۽ رهواسين ۾ نه رڳو خوشيءَ واري لهر آهي، پر ڪيترائي خاندان جيڪي لڏپلاڻ ڪري ويل هئا اهي پڻ سنڌوءَ ۾ پاڻي جي اچڻ بعد ٻيهر پنهنجي ماڳن تي پهچي ويا آهن ۽ درياءَ ۾ مڇي جوشڪارو شروع ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته مستقل بنيادن تي ڊيلٽا تائين پاڻي جو ڇوڙ ٿيندو رهيو ته سمنڊ جي تباھي جي ور چڙهيل علائقو ٻيهر آباد ٿي ويندو، ٻي صورت ۾ سمنڊ اڳتي وڌي وڏي تباهي برپا ڪندو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے