
دادو:(ڇنڇر 23 آگسٽ 2025ع)ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين ڏاڏي چاچي ۽ والد جي ٽيڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٿي، ٻڌڻي دوران ام رباب چانڊيو فريادي ۽ وڪيل سميت عدالت پهتي ۽ سردار احمد چانڊيو، برهان خان چانڊيو ۽ ٻيا جوابدار به عدالت ۾ پيش ٿيا، ٻڌڻي دوران ڪيس جو جوابدار جوابدار پي پي ايم پي اي برهان خان چانڊيو جي ڊفينس ۾ پي پي ايم اين اي رسول بخش چانڊيو ۽ ايم پي اي ممتاز چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرايو. ايم پي اي ممتاز چانڊيو عدالت ۾ رڪارڊ ڪرايل بيان ۾ چيو ته ميھڙ واقعي واري رات برهان خان چانڊيو منهنجي حيدرآباد واري بنگلي تي ترسيل هو ۽ صبح جو اسان گڏجي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو جي جلسي ۾ بدين پهتاسين، موبائل لوڪيشن ۽ سي ڊي آر موجود آهي، عدالت ڊفينس شاهدن جا بيان رڪارڊ ٿيڻ کان پوءِ ايندڙ ٻڌڻي 30 آگسٽ تي مقرر ڪئي آهي. ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن پي پي ايم اين اي رسول بخش ۽ ايم پي اي ممتاز چانڊيو کان فريادي ڌر جو وڪيل ڪراس ڪوسچنگ ڪندو، عدالت ٻاهران ام رباب چانڊيو پنهنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو آھي ته پي پي ايم اين اي رسول بخش چانڊيو ۽ ممتاز چانڊيو وارا سردار احمد چانڊيو وارن جي ڪمپني جا ڪارندا آھن ۽ پي پي ۾ بدمعاش ٽولي ۾ شامل آهن، ايندڙ ٻڌڻي تي اسان جو وڪيل کائن ڪراس ڪوسچنگ ڪندو ، اسان کي عدالت تي پورو يقين آهي اسان کي عدالت مان انصاف ضرور ملندو ھن اھو پڻ چيو ته سوشل ميڊيا تي ٺاھ وارين ڳالهين ۾ ڪا صداقت نه آهي، ڪڏهن به ٺاھه مرڻ قبول ڪنديس پر هنن سان ٺاھ نه ڪنديس، ايم پي اي ممتاز چانڊيو چيو آھي ته واقعي واري رات برهان خان چانڊيو حيدرآباد ۾ منهنجي گهر ترسيل هو، ام رباب چانڊيو جو پيءُ مختيار احمد منهنجو ويجھو دوست هو ، هرو ڀرو ڪنهن برادري جي چڱي کي ڪيس ۾ نه ڦاسائجي.
ام رباب وارن وٽ ٺاهه لاءِ ماڻهو ته پري ڪتو به ناهي ويو: سردار چانڊيو
دادو: ام رباب جي ٽن ڀاتين جي قتل واري ڪيس ۾ نامزد جوابدار پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو چيو ته ڪيس ۾ فريادي ڌر اڄ پاڻ ڊگهي تاريخ ورتي آهي. اسان چئون ٿا ڪيس ڀلي روزانو جي بنياد تي ھلي ۽ عدالت پنهنجو فيصلو ٻڌائي اسان بي قصور آھيون انشا الله عدالت مان سرخرو ٿي نڪرنداسون. ام رباب سان ٺاهه بابت ڳالهائيندي سردار چانڊيو چيو ته يقين سان چوان ٿو ته اسان جي گھر ماڻهون ته پري ڪتو به ام رباب وارن وٽ ناهي ويو .
0 تبصرے
Do not use vulgar language