
سکر:(ڇنڇر 23 آگسٽ 2025ع)جميعت علماءِ اسلام پاران پنوعاقل واسي مدرسي جي شاگرد حافظ زين العابدين جي مبينا اغوا خلاف منزل مسجد گاهه کان ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس سکر آڏو ڌرڻو هنيو ويو. اِن موقعي تي جميعت علماءِ اسلام سنڌ جي ڊپٽي سيڪريٽري ۽ ضلع سکر جي امير مولانا محمد صالح انڍڙ، مبين بلو ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته پنوعاقل مان حافظ زين العابدين کي اغوا ڪيو ويو آهي، ملوث ماڻهن جا پوليس کي نالا به ڏنا ويا آهن، پر انهن کي پنوعاقل جي بااثر سياسي شخصيت پٺڀرائي هجڻ سبب پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ به تيار ناهي، تنهن ڪري ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو آهي. مولانا محمد صالح انڍڙ چيو ته گذريل ڏينهن صبح جو نينگر زين العابدين بلو کي اغوا ڪيو ويو ھو، مزاحمت تي سندس چاچي سيف الله بلو کي جوابدار زخمي ڪري ويا ھئا. نينگر جي اغوا ۾ عبدالله چاچڙ ۽ پنوعاقل سٽي ٿاڻي جو وڏو منشي ياسر چاچڙ ملوث آھي،ساڳئي ٽولي چار ڏينهن اڳ پنوعاقل جي صحافي فدا ميراڻي کي کنڀڻ بعد سٽي ٿاڻي اندر وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ ايف آءِ اي حوالي ڪيو ھو. جميعت علماءِ اسلام سنڌ جي ڊپٽي سيڪريٽري ۽ ضلع سکر جي امير مولانا محمد صالح انڍڙ ۽ ٻين چيو ته پوليس غير منصفانه عمل رويي خلاف احتجاج ڪريون پيا. جيڪڏهن پر ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻي باوجود مسئلو حل نه ٿيو ته ايندڙ مرحلي جو لائحه عمل ترتيب ڏنو ويندو. جنهن تحت ڪارڪن هر قسم جي قرباني ڏين لاءِ تيار آهن. مولانا محمد صالح انڍهڙ چيو ته جيڪڏهن رياستي ادارن ۽ حڪمران جماعت جي وزيرن جي يو آءِ ڪارڪنن مٿان ظلم، جبر جو سلسلو بند نه ڪيو ته ڪشمور کان ڪراچي تائين نيشنل هاءِ وي ۽ موٽروي تي احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي ۽ ٽريفڪ روڪڻ سميت هر آپشن استعمال ڪيو ويندو. مولانا محمد صالح انڍهڙ وڌيڪ چيو ته جعلي ڪيسن ۾ اسان جي ڪارڪنن کي ڦاسايو پيو وڃي. پر اسان پنهنجي ڪارڪنن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. جيڪڏهن اسان جي ڪارڪنن تي هٿ کنيو ويو ته پوءِ حڪمرانن جي لاءِ زمين تنگ ڪري ڇڏينداسين. جي يو آءِ اڳواڻن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته مغوي زين العابدين کي بازياب ڪرائي اغوا ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ ڪارڪنن خلاف انتقامي ڪارروائين جو سلسلو بند ڪيو وڃي. جميعت علماءِ اسلام جي اڳواڻن پوليس جي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي نينگر زين العابدين کي بازياب ڪرايو ذميوارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ڪراچي کان ڪشمور تائين نيشنل هاءِ وي ۽ موٽر وي کي بلاڪ ڪيو ويندو. جنهن جي ذميواري حڪومتي اختيارين ۽ پوليس مٿان عائد ٿيندي. جي يو آءِ جو ڌرڻو مولانا محمد صالح انڍڙ جي اڳواڻيءَ ۾ رات جو دير تائين جاري رهيو. ٻئي طرف الزام هيٺ آيل صحافي عبدالله چاچڙ جو چوڻ آهي ته زين العبادين متعلق مون تي ڪوڙا الزام هنيا پيا وڃن، مون کي اُن متعلق ڪا به خبر ناهي. البته سوشل ميڊيا تي منهنجي ڪردار ڪشي ڪندڙن خلاف مون قانوني رستو اختيار ڪيو آهي. هوڏانهن ايس ايس پي سکر اظهر مغل جو چوڻ آهي ته اڳ اسان کي شڪايت ڪئي وئي ته فدا ميراڻي کي اغوا ڪيو ويو هو، جنهن متعلق بعد ايف آءِ اي گرفتاريءَ جي تصديق ڪري کيس عدالت ۾ پيش ڪيو هو. موجوده معاملي متعلق به جي يو آءِ سان ڳالهيون جاري آهن. جلد ڪو حل نڪري ايندو.هوڏانهن ايس ايس پي سکر سکر اظهر مغل ڌرڻي جي اڳواڻن سان ڳالهين لاءِ پهتو. ايس ايس پي سکر اڳواڻن کي معاملي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي تشڪيل ڏيڻ متعلق آگاهي ڏيندي چيو ته جي آءِ ٽي جوڙي وئي آهي جيڪا معاملي جي جاچ ڪري پئي، جيڪو به ذميوار نڪتو اُن خلاف ڪيس داخل ڪري ڪارروائي ڪئي ويندي، جي آءِ ٽي جي جاچ مڪمل ٿيڻ تائين ڌرڻو ختم ڪري مهلت ڏني وڃي، جي يو آءِ اڳواڻن مطالبن جي مڃتا تائين ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language