welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪورنگي:کوٽائي دوران 16 هينڊ گرنيڊ، پستول ۽ دستي بم هٿ

ڪراچي:(ڇنڇر 23 آگسٽ 2025ع)ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾کوٽائي دوران هينڊ گرنيڊ، پستول ۽ دستي بم هٿ، پوليس موجب برساتي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ کوٽائيءَ دوران هڪ ٿيلهو هٿ آيو، جنهن مان مختلف قسم جا هٿيار هٿ ڪيا ويا. هٿ آيل هٿيارن ۾ 10 مختلف قسم جا دستي بم، 6 مختلف قسم جا ننڍا پستول ۽ ريوالور ۽ گوليون شامل آهن سڀني هٿيارن کي ڪٽ لڳل آهي، واقعي واري هنڌ بم ڊسپوزل عملي کي طلب ڪري سرچنگ به ڪئي وئي. ايس ايس پي ڪورنگي موجب لڳي ايئن پيو ته هٿ آيل هٿيار ڪيترائي سال اڳ هتي اُڇلايا ويا هئا. پي ڊي ايس ٽيم هٿ آيل بمن کي ڊفيوز ڪري ڇڏيو، واقعي جو ڪيس ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي تي داخل ڪيو ويندو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے