
سکر:(ڇنڇر 23 آگسٽ 2025ع)سکر واسي هندو نينگري پراسرار نموني گم ٿي وئي، وارث سخت پريشانين ۾ مبتلا، پوليس کان ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي وئي آهي. اِن ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب سکر بورڊ آفيس ڀرسان ڊگري ڪاليج واري علائقي جي رهواسڻ 14 ورهين جي هندو نينگري اشا ڌي ارجن داس مارواڙي منجهند کان پراسرار نموني گم آهي. وارثن مطابق اشا معمول مطابق صبح جو رڪشا تي سوار ٿي پنهنجي مامِي سان گڏ گهرن ۾ صفائي سٿرائي وارو پورهيو ڪرڻ لاءِ نشاط پلازه پهتي. سي سي ٽي وي فٽيج ۾ پلازه پهچڻ ۽ منجهند جو واپس وڃڻ جا فٽيج به واضح آهن، پر پلازه مان نڪرڻ کان پوءِ اشا نه گهر نه پهتي آهي، اُن جو نمبر به بند آهي، مٽن، مائٽن وٽ گهڻي ڳولا باوجود ڪو به پتو ناهي پئجي سگهيو. نياڻيءَ جي پراسرار نموني گمشدگيءَ متعلق ايس ايس پي سکر توڙي حد جي پوليس کي به آگاهي ڏني وئي آهي. هندو پنچائت سکر جي مکي ايشور لال جو چوڻ آهي ته اشا مارواڙي جو خاندان انتهائي غريب آهي، اُن خاندان جون عورتون ٻين جي گهرن ۾ صفائي سٿرائي وارو پورهيو ڪري گهر جو چرخو هلائڻ ۾ مردن جو ساٿ ڏينديون آهن. اوچتو نياڻيءَ جي پراسرار نموني گم ٿيڻ سبب خاندان سخت پريشانين ۾ مبتلا آهي. ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سکر نوٽيس وٺي نياڻيءَ جي ڳولا ۾ مدد ڪن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language