
فيض گنج:(ڇنڇر 23 آگسٽ 2025ع)استاد پاران شاگردياڻي کي جنسي حراس ڪرڻ جو انڪشاف ڊي اي او پاران نوٽس جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.
فيض گنج جي گرلس اليمنٽري اسڪول پڪاچانگ ۾ يارھين ڪلاس ۾ پڙھندڙ شاگردياڻي کي استاد پاران جنسي طور حراس ڪرڻ جو واقعو پيش آيو آھي، استاد محسن چانگ مسيجر ذريعي شاگردياڻي کي دوستي لا تنگ ڪندو رھيو، جيڪا ڳالھ شاگردياڻي پنھنجي والد کي ٻڌائي، متاثر نياڻي جي والد محمد شاھد چانگ اھڙي شڪايت ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سان ڪئي، جنھن بعد فوري نوٽس وٺندي ڪميٽي جوڙي جاچ شروع ڪري ڏني آھي.
ڊي اي او سميع ڀنڀرو پاران واقعي جي جاچ لاءِ آپا فاطمه شر جي اڳواڻي ۾ ڪميٽي جوڙي آھي، جنھن ۾ ٽي اي او محمد منير راڄپر ۽ ٽي اي او بخش علي مري شامل آھن.
ڪميٽي ميمبر ٽي اي او منير راڄپر رابطو ڪرڻ تي چيو ته شاگردياڻي کي حراس ڪرڻ جو ڊائيريڪٽر سکر نوٽس وٺي ڪميٽي ٺاھي آھي، جنھن جو مان ميمبر آھيان، نياڻي سان ٿيل حراسمنٽ جي شفاف جاچ ڪري اڳتي رپورٽ ڏينداسين.
متاثر نياڻي جي والد شاھد چانگ موجب استاد محسن چانگ ڪيتري عرصي کان نياڻي کي فون تي ۽ ميسجرز وسيلي تنگ ڪندو رھيو آھي، جنھن جا ثبوت ۽ سندس فون رڪارڊ آفيسرن کي ڏنو آھي، جن نوٽس وٺندي ٽيم ٺاھي آھي، اميد ته منھنجي نياڻي سان انصاف ٿيندو ۽ اھڙي ڪردار جي استاد کي سزا ملندي
0 تبصرے
Do not use vulgar language