بدين:(ڇنڇر 23 آگسٽ 2025ع)وارڊ نمبر 8 جي رھواسين اشفاق احمد انصاري، شاھ نواز انصاري، ۽ 10کان مٿي پاڙيسرين منشيات فروش اڪبر ٻچو، مرتضي ٻچو، شبير، ذوالفقار ۽ ٻين خلاف ايوان صحافت آڏو احتجاج ڪرڻ بعد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته اسان جي پاڙي ۾ سول اسپتال روڊ تي مخالف منشيات فروش چرس ، آئيس ،شراب ،گٽڪي جو ڪاروبار ڪن ٿا ۽ روزانو غير ماڻهو اچن ٿا جتي نشو به ڪيو وڃي ٿو جيڪي پاڙي وارن لاءِ آزار بڻجي ويا آهن.
گذريل ڏينھن اسان کين نشو ڪري سرعام دادا گيري ڪرڻ کان روڪيو ته اسان تي حملو ڪري، اسان جي نوجوان ڀاءُ کي زخمي ڪري ڇڏيو.
هنن دانھيندي چيو ته مخالف منشيات فروش چرس ۽ آئيس جي ڪاروبار ڪرڻ ۾ ملوث ھئڻ ڪري جيل به وڃي چڪا آھن، ھنن بدين پوليس خلاف دانھيندي چيو ته رات جو پوليس منشيات فروشن جي چوڻ تي اسان جي گھرن تي چڙھائي ڪئي آھي.
اھي منشيات فروش اسان کي مارڻ ۽ گھرن تي حملو ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رھيا آھن، جن کي پوليس جمعدار اسلم جوڻيجو ماتلي ڪورٽ سڳوري جي پٽيوالي ذوالفقار ٻچو جي سپورٽ حاصل آهي.
ھنن آءِ جي سنڌ سيشن جج بدين ۽ ايس ايس پي بدين کان انصاف ڪرڻ ۽ منشيات فروشن خلاف ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language