welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس پاران اڄ غضب جو ڏينهن ملھائڻ جو اعلان

غزہ:(جمعو 15 آگسٽ 2025ع)فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس اڄ غضب جي ڏينهن جو اعلان ڪيو آهي. حماس اڳواڻ چيو آهي ته غضب جو ڏينهن غزه جي حمايت ۽ اسرائيلي الحاق جي منصوبن جي مخالفت ۾ ملهايو ويندو. حماس چيو ته عوام کي غزه ۾ جاري جنگ، ناڪي بندي ۽ بک جي خلاف اٿڻ گهرجي، ۽ الحاق جي منصوبن کي عوامي عزم ۽ مسلسل مزاحمت سان ناڪام بڻايو ويندو. حماس سڀني فلسطيني گروهن ۽ سول سوسائٽي کي اپيل ڪئي آهي ته اهي اتحاد جو مظاهرو ڪن. ٻئي طرف، غزه ۾ تازين اسرائيلي حملي ۾ 54 وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ 831 زخمي ٿيا، جن ۾ 10 فلسطيني امداد جي انتظار ۾ هئا. غزه شهر جي زيتون پاڙي ۾ هڪ گهر تي بمباري ۾ اٺ شهري شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے