
میروخان:(سومر 03 آگسٽ 2025ع)ميروخان تعلقي جي کبڙ ٿاڻي جي حد ۾ موٽرسائيڪل تي سوار هٿياربندن مبينا طور پسٽل جا فائر ڪري موٽرسائيڪل تي ڳوٺ کان قمبر شهر ويندڙ 2 نوجوانن کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، ڳوٺ شير محمد شاھه عرف گُجو لڳ لنڪ روڊ تي مارجي ويلن جي سڃاڻپ ڳوٺ محمد صديق خاصخيلي واسي نثار خاصخيلي ۽ ڳوٺ فيض محمد سومرو واسي محمد حسن سومرو طور ڪئي وئي، ان حوالي سان ڊي ايس پي ميروخان شاهد خان جو چوڻ هو ته مارجي ويل ٻنهي نوجوانن جا کڻائي اسپتال منتقل ڪيا آهن، ابتدائي جاچ موجب واقعو موبائل فون تي ڳالهائڻ جي ڳالھه تان ٿيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، ٻي پاسي مقتول محمد حسن سومرو جي ڀاءُ سڪندر سومرو ٻڌايو ته ڀاءُ محمد حسن ۽ سئوٽن ۽ مائٽن وچ ۾ معمولي ڳالھه تان هڪ مهينو اڳ منهن ماري ٿي هئي، ڀاءُ ڳوٺ محمد صديق خاصخيلي ۾ پنهنجي ساهرن کان سالي نثار خاصخيلي سان گڏ موٽرسائيڪل تي قمبر اچي رهيو هو ته رستي ۾ هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪئي، هن چيو ته پورهيت آهيون محمد حسن ۽ سالي نثار احمد کي بيگناھه قتل ڪيو ويو آهي، هن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي، هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار واقعي بعد ڳوٺ فيض محمد سومرو مان گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language