welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ برسات جو امڪان

ڪراڇي:(خميس 14 آگسٽ 2025ع)موسميات کاتي ايندڙ هفتي ڪراچي سميت سنڌ جي ڪيترن ئي هنڌن تي مينهن جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات کاتي موجب، مون سون سسٽم 17 آگسٽ جي رات گجرات، هندستان ذريعي سنڌ تي اثر انداز ٿي سگهي ٿو. موسميات کاتي جي عملدارن چيو ته هن سسٽم تحت، سنڌ جي ڪيترن ئي هنڌن تي 18 کان 23 آگسٽ تائين مينهن جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي تيز برسات ٿي سگهي ٿي. موسميات کاتي جي عملدارن وڌيڪ چيو ته 18 کان 23 آگسٽ تائين ڪراچي ۾ هڪ کان ٻه سٺا مينهن به پئجي سگهن ٿا، جنهن جي ڪري شهر ۾ وچولي شدت واري مينهن جو امڪان آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے