:
ڪراچي:(خميس 14 آگسٽ 2025ع)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ايس بي سي اي کي رمضان آباد گارڊن ويسٽ ۾ غير قانوني تعميرات خلاف درخواست تي عملدرآمد رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
عدالت ريمارڪس ڏنا ته ايس بي سي اي آفيسرن لاءِ دوزخ ۾ هڪ خاص جاءِ هوندي، جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته توهان جو ڪم صرف ٽيبل هيٺان پئسا ڪمائڻ آهي، ايس بي سي اي حڪومت جو سڀ کان بدنام ادارو آهي.
درخواستگذار جي وڪيل چيو ته گارڊن ويسٽ ۾ گرائونڊ پلس ون جي تعمير جي اجازت آهي، گرائونڊ پلس فور قانون جي خلاف ٺاهيو ويو، رهائشي علائقي ۾ ڪمرشل سرگرميون هلي رهيون آهن، عدالتي حڪم تي ڪي ايم سي ۽ ايس بي سي اي آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language