ڪراچي:(سومر 18 آگسٽ 2025ع)پورٽ قاسم ويجهو گتي جي گدام کي خوفناڪ باهه، ڪروڙن جو نقصان، ان ڏس ۾ پورٽ قاسم ۾ ريلوي ڦاٽڪ ويجهو واقع گتي جي گدام کي باهه لڳڻ سبب ڪروڙين رپين جو نقصان ٿي ويو، اطلاع تي پورٽ قاسم جي 6 فائر برگيڊ گاڏين پهچي 3 ڪلاڪن اندر باهه وسائي، ان سلسلي ۾ ريسڪيو ذريعن موجب باهه خالي پلاٽ ۾ لڳي. جنهن گتي ۽ اسڪريپ جي گدام کي پنهنجي لپيٽ ۾ آندو، آچر جو ڏينهن هجڻ سبب چوڪيدار کانسواءِ ڪو به اسٽاف موجود نه هو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language