welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

گھاتو گھر نه آيا: غلام الله جا 10 ماهيگير ساڍن ٽن سالن کان ڀارتي فوج وٽ قيد

غلام اللہ:(سومر 18 آگسٽ 2025ع)ٽي سال گذري ويا پر گهاتو گھر نه موٽيا، ساڍا ٽي سال اڳ سمنڊ ۾ مڇي جو شڪار ڪندي انڊين نيوي فورسز هٿان سامونڊي حد بندي جو جواز ڄاڻائي پاڪستاني حدن مان گرفتار ڪيل ڳوٺ حاجي اسماعيل ڪاتيار آٿرڪي واسي 10 ماھيگير ناکو احمد ڪاتيار، غلام حسين ڪاتيار، محمد حسن ڪاتيار، احسان، ستار، مقبول، غلام مصطفيٰ ، ارباب، گُُڊو، احمد ڪاتيار گذريل ساڍن ٽن سالن کان ڀارتي جيلن ۾ قيد ٿيل آھن، جن جا وارث سخت پريشان آھن پر سندن آزادي لاءَ اڃان تائين وفاقي توڙي صوبائي حڪومت ڪوبه تحرڪ ناهي ورتو ويو، ڀارتي جيلن ۾ قيد ماهيگيرين جي گھرن ۾ بک، بيروزگاري سبب بدحالي ۽ سوڳ وارو ماحول ڇانيل آھي، ياد رهي ته ساڍا ٽي سال اڳ سمنڊ ۾ مڇي جو شڪار ڪندي انڊين فورسز ٺٽي واسي ماهيگرين کي حد بندي ڄاڻائي پاڪستاني حدن مان گرفتار ڪري ورتو هو. ڀارتي جيلن ۾ قيد پاڪستاني ماھيگيرين جي وارثن سماجي اڳواڻ سجاد ڪاتيار محمد حسن ڪاتيار ۽ ٻين سنڌ حڪومت فشريز کاتي سنڌ سميت اعليٰ اختيارين کان گھر ڪئي آھ ته انڊيا جي جيلن ۾ قيد سمورن پاڪستانين سميت ڪاتيار برادري جي ڏھن ماهيگيرن کي آزاد ڪرائي کين پنھنجي وطن واپس موٽائي سندن وارثن کي پريشاني کان بچايو وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے