welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ٺل ويجھو گم ٿيل 2 نوجوانن جي اغوا جي تصديق، ڀنگ طلب

ٺل:(سومر 18 آگسٽ 2025ع)ٺل ويجهو ٻه نوجوان موٽر سائيڪل تي شهر ايندي مبينا طور اغوا،وارثن کان ڀنگ طلب، نه ڏيڻ تي ٻنهي نوجوانن کي مارڻ جي ڌمڪي، ٺل ويجهو سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالغني شاهه جا رهواسي ٻه نوجوان مدثر ڀٽي ۽ اسحاق ملڪ ڳوٺ کان موٽر سائيڪل تي ٺل شهر ڏانهن ايندي مبينا طور اغوا ٿي ويا، وارثن طرفان اهڙو اطلاع سي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيو ويو، ان ڏس تحت گم ٿي ويل ٻنهي نوجوان پاران ٽن ڏينهن بعد پنهنجي وارثن سان فون تي رابطو ڪري اغوا ٿيڻ جي تصديق ڪئي، مغوي نوجوان اسحاق ملڪ وارثن سان فون تي ڳالهائيندي چيو ته اسان کي اغوا ڪري ويا آهن جهنگ ۾ قيد ڪري ويٺا آهن، پئسا گهرن ٿا نه ڏيڻ تي اسان کي مارڻ جي ڌمڪي پڻ ڏني آهي، پئسا مونکي اسان کي آزاد ڪرايو، ٻي طرف مغوي نوجوان اسحاق ملڪ جي ڀاءُ احسان ملڪ ٻن نوجوانن کي جوابدارن اغوا ڪيو آهي، غريب آهيون ڀنگ جي رقم ادا نه ڪري سگهنداسين، هوڏانهن مغوي مدثر ڀٽي جي والد ثناءُ الله ڀٽي ٻڌايو ته منهنجو پٽ دوست سان گڏ جمعي ڏهاڙي گهران ويو جيڪو واپس نه ٿيو، کين اغوا ڪيو ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي.ٻي طرف سي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او معشوق جکراڻي ٻڌايو ته جاچ ڪئي پئي وڃي، جلد مغوين کي بازياب ڪرايو ويندو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے