
اسلام آباد:(سومر 18 آگسٽ 2025ع)عوامي نيشنل پارٽي جي انتظام هيٺ اسلام آباد ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس: اسلام آباد امن مارچ ملتوي ڪرڻ جو اعلان، قومي ڊائلاگ جي تجويز، سياسي قيدي آزاد ڪرڻ، پيڪا ايڪٽ ختم ڪرڻ، 18هين ترميم ۽ اين ايف سي تي عمل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. جڏهن ته ن ليگ ۽ پ پ گڏيل پڌرنامي تي صحيح کان انڪار ڪيو. تفصيل موجب عوامي نيشنل پارٽي جي انتظام هيٺ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ بدامني جي هر شڪل جي سخت مذمت ڪئي وئي، گڏيل پڌرنامي ۾ امن لاءِ گڏيل قدم کڻڻ تي زور ڏنو ويو، پرڏيهي هٿياربند جٿن جو فوري خاتمو، عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو ويو، 18هين آئيني ترميم تي ان جي اصل روح موجب مڪمل طور عملدرآمد ڪرائڻ، اين ايف سي ايوارڊ تي آئين موجب عملدرآمد جو مطالبو ڪيو ويو، اي پي سي ۾ گم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرائي عدالتن ۾ پيش ڪرڻ، سياسي قيدين کي آزاد ڪري سياسي سرگرمين لاءِ آزاد ماحول فراهم ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي، پڌرنامي ۾ چيو ويو ته ميڊيا تان پابنديون ختم ڪيون وڃن ۽ پيڪا جهڙا قانون رد ڪيا وڃن، پڌرنامي ۾ چيو ويو ته پاڪستان ٻين ملڪن جي جنگين ۾ ٽپو ڏيڻ کان پاسو ڪري، اي پي سي ۾ مطالبو ڪيو ويو ته خيبرپختونخوا ۾ ٻوڏ متاثر ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏئي پئڪيج جو اعلان ڪيو وڃي. اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيلٽيشن ڪائونسل (SIFC) کي فوري طور ختم ڪيو وڃي، جڏهن ته نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن جو آل پارٽيز ڪانفرنس جي پڌرنامي تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ايمل ولي خان پاران پڌرنامو پڙهي ٻڌائڻ دوران نوازليگ سينيٽر عرفان صديقي، وفاقي وزير طارق فضل چوڌري ۽ پ پ جو نيئر بخاري اجلاس مان اٿي هليا ويا، عرفان صديقي چيو آهي ته هي اسان جا نه پر اوهان جا مطالبا آهن ۽ اوهان جو موقف آهي، اسان پڌرنامي ۾ تي صحيح نه ڪنداسين. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته قبيلائي علائقن ۾ هٿياربند گروهن جو راڄ آهي، سرڪاري فنڊز جو 10 سيڪڙو اهي گروهه کڻي وڃن ٿا، حڪومت جي رٽ جي حوالي سان وڏو سواليا نشان آهي، معاملا حل ڪرڻ بدران طاقت ۽ ادارا پنهنجي اٿارٽي قائم ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن، ڪي پي ۽ بلوچستان جا معدني ذخيرا عوام جي ملڪيت آهن، ملٽي نيشنل ڪمپنيون سيڙپڪاري ڪن ته نوڪريون ۽ وسيلا مقامي ماڻهن جو حق آهي، موجوده حالتن ۾ افغاني مهاجرن جي جبري نيڪالي جو عمل مناسب ناهي، ڪيٽيگريون طئي ڪيون وڃن. مولانا فضل الرحمان چيو ته 18 ترميم ۾ ڏنل اختيار قانونن وسيلي واپس ورتا پيا وڃن. تڪراري شين تي بحث ڪرڻ بجاءِ لاڳاپيل شين کي سامهون آندو وڃي، موجوده حڪومت عوامي نمائنده نه پر اسٽبلشمينٽ جي حڪومت آهي، اهڙيون شيون بغاوت تائين وٺي وينديون آهن، نظام کي درست ڪيو وڃي. نيشنل ايڪشن پلان مان امتيازي حصا ختم ڪيا وڃن. بلوچستان ۽ باجوڙ ۾ جنازا کڄي رهيا آهن، فضل الرحمان قومي ڊائلاگ جي تجويز ڏني جنهن جي ن ليگ به حمايت ڪئي. عرفان صديقي چيو ته بلوچستان ۽ ڪي پي اسان جي مٿي جو جهومر آهن انهن کان بغير پاڪستان اڻپورو آهي، پاڪستان صرف پنجاب ته نه ٿو ٿي سگهي، وزيراعظم جي حڪم تي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. هتي ڳالهيون به تلخ هيون ۽ لهجا به تلخ هئا.حڪومتن ۽ حڪمرانن سان شڪايتون ٿينديون آهن. دنيا ۾ شايد ئي ڪو حڪمران يا عوام هجي جن کي شڪايتون نه هجن، نفرت جو ٻج نه پوکيو وڃي، . مارشل لا ۽ آمرن ملڪ جي پاڙون ڪمزور ڪيون.جيڪڏهن فوج جا دامن داغدار آهن ته ڇا اسان جا دامن صاف آهن. اِن ئي فوج پاڻ کان پنج ڀيرا وڏي دشمن کي شڪست ڏني، ڪنهن کي به آئين تي ڪهاڙو هلائڻ جي اجازت نه ڏينداسين، ملڪ ۾ قومي ڳالهيون ڪريو. نيئر بخاري چيو ته مشرقي ۽ مغربي بارڊر جي صورتحال سامهون آهي، اها نارمل صورتحال ناهي، اسان کي سيڪيورٽي ادارن جا هٿ مضبوط ڪرڻ گهرجن، اسان حڪومت سان گڏ هجڻ جا سبب آهن، اسان ملڪ ۾ جمهوري نظام جو تسلسل چاهيون ٿا. تازين چونڊن ۾ ڪنهن به جماعت کي اڪثريت نه ملي. اسان قومي مفاد ۽ جمهوريت خاطر وڌيڪ سيٽون رکندڙ پارٽي کي حڪومت سازي لاءِ چيو، اڄ جيڪڏهن نئين سماجي معاهدي جي ڳالهه ٿي رهي آهي، جيڪڏهن هن آئين کي ڇيڙيو ويو ته نئون آئين ٺاهڻ مشڪل هوندو، جهڙيون به حالتون هجن، سياسي قيادت کي ئي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ڳالهين ڪرڻيون آهن ته پارليامينٽ
اهو ادارو آهي جتي عوامي نمائندا ويٺل آهن. جيڪڏهن اوهان کي اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهائڻو آهي ته پوءِ عدليه به اسٽيڪ هولڊر آهي. اسان کي فرق ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهين جو عمل اڳتي وڌائڻو آهي
آفتاب شيرپائو چيو ته اسٽبلشمينٽ بدران ڳالهيون حڪومت سان ٿيڻ گهرجن، ايمل ولي چيو ته وفاق بلوچستان ۽ ڪي پي سان پنهنجو رويو تبديل ڪري، اسان ڳالهين تي يقين رکڻ وارا ماڻهو آهيون پر پر اسان کي ڪير ٻڌڻ وارو ناهي، اسان پنجاب جي خلاف نه آهيون. اسان پاڪستان کي مڃون ٿا پر پاڪستان اسان کي برابري جو حق نٿو ڏئي، جڏهن متفقه طور 18هين ترميم پاس ٿي، ڇا اڄ تائين ان تي عمل ٿيو، اسان فوج جا مخالف ناهيون. مسلم ليگ (ق) جي طارق حسن چيو ته سياسي جماعتن جي وچ ۾ خال آهي جنهن مان غير جمهوري قوتون فائدو کڻي رهيون آهن. ٻاهر ويهي الزام تراشي ڪرڻ بدران پهريان پاڻ کي سڌاريو، پورو ملبو اسٽيبلشمينٽ تي اُڇلائڻ بدران پنهنجون غلطيون به تسليم ڪرڻيون پونديون. اي اين پي جي سربراهيءَ هيٺ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن)، جمعيت علماءَ اسلام (ف)، پيپلز پارٽي، پختونخوا نيشنل پارٽي، نيشنل ڊيموڪريٽڪ موومينٽ، نيشنل پارٽي، قومي وطن پارٽي، عوامي ورڪر پارٽي، مزدور ڪسان پارٽي، هزاره ڊيموڪريٽڪ پارٽي، بي اين پي، جماعت اسلامي پاڪستان، ايم ڪيو ايم، جمعيت علماء اسلام (س)، پاڪستان مسلم ليگ (ق)، وحدت المسلمين، پاڪستان تحريڪ انصاف (پارليامينٽرين)، شهيد باز محمد فائونڊيشن، بلوچستان فيس فورم جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language