welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڀرياسٽي واسي گارڊ ڪراچي ۾ ڦورن سان جهيڙيندي قتل

ڀريا سٽي:(سومر 18 آگسٽ 2025ع)ڀريا سٽي واسي سيڪيورٽي گارڊ ڦر دوران مزاحمت تي قتل، پوليس موجب گذري ٿاڻي جي حد ۾ خيابان شهباز ۾ موٽر سائيڪل سوار ڦورو شهرين کان ڦرلٽ ڪري رهيا هئا ته بنگلي تي مقرر 18سالن جي سيڪيورٽي گارڊ آريان ولد اسلم مستوئي گوڙ تي ٻاهر نڪتو، ڦورن سيڪيورٽي گارڊ کي ڏسندي ئي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ سندس هٿيار به کڻي فرار ٿي ويا. اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو، بعد ۾ مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس موجب واردات واري هنڌ تانن شاهديون گڏ ڪيون ويون آهن، سي سي ٽي وي فوٽيج به هٿ ڪيا پيا وڃن، هوڏانهن گذري ٿاڻي تي مقتول جي والد جي فرياد تي نامعلوم ڦورن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ رڳو قتل جا قلم شامل ڪيا ويا، جڏهن ته ڦرلٽ جا قلم شامل نه ڪيا ويا. فريادي موجب منهنجي پٽ کي ڪلهي ۾ گولي لڳي، جنهن سبب هن موقعي تي دم ڏنو. هوڏانهن مقتول ايان مستو ئي جو مڙهه ڀريا سٽي لڳ ڳوٺ سخي سعيد خان لاکو روانو ڪيو ويو هو، هوڏانهن مقتول آريان جي مامي ممتاز مستوئي ٻڌايو ته اسان مسڪين آھيون، ظالمن ظلم ڪري نوجوان کي بي دردي سان گوليون ھڻي قتل ڪيو آھي، ھن مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے