
اسلام آباد:(آچر 17 آگسٽ 2025ع)ملڪ ۾ ٻه لک ميٽرڪ ٽن درآمد ڪرڻ لاءِ گهٽ ٻولي جي آڇ رد ڪندي مهانگي ٻولي جي آڇ قبول ڪئي وئي، ٽريڊنگ ڪارپوريشن رد ڪيل ٻن ڪمپنين جا لاڳاپيل دستاويز پورا نه هجڻ تي اعتراض واريو، مجموعي طور 5 ڪمپنين مان 2 ڪمپنين جي گهٽ ٻولي جي آڇ کي رد ڪيو ويو، ٻن ڪمپنين کنڊ درآمد جي مهانگي ٻولي جي آڇ ڪئي، جڏهن ته ٽينڊر دوران هڪ يو اي اي ڪمپني ٻولي لڳائڻ کان معذرت ڪئي. ٽي سي پي ٽينڊر دستاويزن موجب لنڊن جي ڪمپني ميسر اي ڊي اينڊ ايف مين شگر لميٽڊ کنڊ درآمد ڪرڻ جي سڀ کان گهٽ ٻولي جي آڇ ڪئي، ان ڪمپني هڪ لک ميٽرڪ ٽن کنڊ ڪراچي بندرگاهه تائين پهچائڻ لاءِ 539 ڊالر في ميٽرڪ ٽن جي ٻولي لڳائي، ٽريڊنگ ڪارپوريشن پاڪستان اها ٻولي اعتراض لڳائي رد ڪئي. جرمني جي ڪمپني بيئر سينڊيڪيٽ ايف زي سي او 555 ڊالر في ميٽرڪ ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ جي ٻولي لڳائي پر اها به اعتراض لڳائي رد ڪئي وئي. دبئي جي ڪمپني الخليج شگر 586 ڊالر في ميٽرڪ ٽن درآمد جي آڇ ڪئي، دبئي ۽ سوئٽزرلينڊ جي ڪمپنين جون ٻوليون منظور ڪيون ويون. جڏهن ته دبئي جي ڪمپني سڪڊن مڊل ايسٽ ٻولي جمع ڪرائڻ کان معذرت ڪئي. ٽينڊر موجب 25 هزار ميٽرڪ ٽن کنڊ ٻن شمپمينٽس يا هڪ 50 هزار ميٽرڪ ٽن جي شپمينٽ 5 کان 20 سيپٽمبر تائين هوندي، ٻه ٻه ميٽرڪ لک ٽن کنڊ جي درآمد 5 سيپٽمبر کان 15 آڪٽوبر تائين ڪئي ويندي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language