تل ابيب:(اربع 13 آگسٽ 2025ع)اسرائيلي استادن، دانشورن ۽ فوجين کان پوءِ، اسرائيلي هوائي فوج جي پائلٽن به غزه ۾ جنگ بندي جو مطالبو ڪيو.
اسرائيلي ميڊيا موجب، اسرائيلي هوائي فوج جي پائلٽن ۽ ريزرو اهلڪارن تل ابيب ۾ فوجي هيڊ ڪوارٽر جي ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو. اسرائيلي پائلٽن ۽ ريزرو سپاهين غزه ۾ جاري جنگ جي خاتمي جو مطالبو ڪيو. مظاهرين غزه تي حملا وڌائڻ جي منصوبي جي به مخالفت ڪئي.
ياد رهي ته صبح کان وٺي غزه تي اسرائيلي فوج جي وحشيانه حملن ۾ 89 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ٻن ٻارن سميت پنج وڌيڪ فلسطيني بک سبب فوت ٿي ويا آهن.
غذائي کوٽ سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 227 تائين پهچي ويو آهي، جن ۾ 103 ٻار شامل آهن.
برطانيه ۽ فرانس سميت ستائيس يورپي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جو چوڻ آهي ته غزه ۾ انساني بحران ناقابل تصور سطح تي پهچي چڪو آهي، ۽ اسرائيل کي بين الاقوامي تنظيمن کي اجازت ڏيڻ گهرجي ته اهي بي دخل ۽ محفوظ امداد فراهم ڪن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language