واشنگٽن:(جمعو 01 آگسٽ 2025ع)ايران جي فوجي ڊرون پروگرام جي حمايت ڪندڙ عالمي نيٽ ورڪن تي پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن.
هڪ پرڏيهي نيوز ايجنسي موجب، هانگ ڪانگ، تائيوان ۽ چين ۾ پنج ادارن ۽ هڪ فرد تي پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن.
ان حوالي سان، آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جو چوڻ آهي ته انهن ڪمپنين تي ايران ايئر ڪرافٽ مينوفيڪچرنگ انڊسٽريل ڪمپني جي مدد ڪرڻ جو الزام آهي.
آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ موجب، آمريڪا ۾ ايراني ڊرون پروگرام جي حمايت ڪندڙ ڪمپنين جا سڀئي اثاثا منجمد ڪيا ويا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language