
اسلام آباد:(آچر 24 آگسٽ 2025ع)ايشيائي ترقياتي بينڪ ڪراچي کان روهڙي تائين ريلوي لائين جي اپ گريڊيشن لاءِ مالي مدد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پرڏيهي نيوز ايجنسي رائٽرز ذريعن جو حوالو ڏيندي هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته ريلوي سسٽم جي اپ گريڊيشن لاءِ چين کان مالي مدد ۾ دير جي ڪري، ايشيائي ترقياتي بينڪ ريلوي لائين جي بهتري جي منصوبي لاءِ پاڪستان کي سرمايو فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
رپورٽ موجب، ٻن ذريعن تصديق ڪئي ته ايشيائي ترقياتي بينڪ ڪراچي کان روهڙي (سکر جي ويجهو) تائين تقريبن 500 ڪلوميٽر ريلوي ٽريڪ جي اپ گريڊيشن لاءِ 2 ارب ڊالر تائين فراهم ڪندو.
نيوز ايجنسي موجب، منصوبي تحت، ڪراچي کان روهڙي (سکر) تائين پلن ۽ ٽريڪ کي جديد بڻايو ويندو ۽ روهڙي ۾، هن لائن کي بلوچستان ۾ ريڪوڊڪ کان ايندڙ ريلوي لائين سان ڳنڍيو ويندو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي-روهڙي ٽريڪ کي اپ گريڊ ڪرڻ جي فوري ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته ريڪوڊڪ کان 2028 تائين پيداوار شروع ڪرڻ جو منصوبو آهي ۽ ان جي آمدورفت روهڙي-ڪراچي ٽريڪ ذريعي ٿيندي.
نيوز ايجنسي چيو ته اي ڊي پي هن مالي پيڪيج جي تصديق نه ڪئي آهي، جڏهن ته پاڪستان جي ريلوي وزارت ۽ چيني عملدارن به ان تي ڪو جواب نه ڏنو آهي. بهرحال، اي ڊي بي جو چوڻ آهي ته ان حوالي سان پاڪستاني اختيارين سان ڳالهيون جاري آهن.
اهو ياد رکڻ گهرجي ته صرف ٻه ڏينهن اڳ، ايشين ڊولپمينٽ بينڪ ريڪوڊڪ منصوبي لاءِ 410 ملين ڊالر جي پيڪيج جي منظوري ڏني هئي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language