welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ايران: سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ اسرائيل سان لاڳاپيل 6 دهشتگرد مارجي ويا

تھران:(آچر 24 آگسٽ 2025ع)ايراني سيڪيورٽي فورسز ڏکڻ اولهه علائقي ۾ هڪ آپريشن دوران ڇهه شدت پسندن کي ماري ڇڏيو ۽ ٻن کي گرفتار ڪيو رپورٽن مطابق، ايران جي سيستان-بلوچستان صوبي ۾ سيڪيورٽي فورسز سان فائرنگ جي تبادلي ۾ سڀئي شدت پسند مارجي ويا. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، مارجي ويل شدت پسند اسرائيل جا آهن ۽ انهن کي اسرائيلي انٽيليجنس ايجنسي موساد پاران تربيت ڏني وئي هئي. مارجي ويل شدت پسندن مان هڪ کانسواءِ سڀئي پرڏيهي هئا، جڏهن ته ايراني اختيارين انهن جي قوميت ظاهر نه ڪئي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته گذريل ڏينهن ايران جي ڏکڻ اوڀر علائقي ۾ هٿياربند ماڻهن جي حملي ۾ پنج پوليس آفيسر مارجي ويا هئا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے