ڪراچي:(آچر 24 آگسٽ 2025ع)ڪراچي ۾ اڄ به بوندا باندی ۽ هلڪي برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب، ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران شهر ۾ موسم ڪڪر رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي چيو ته شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 27.3 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته وڌ ۾ وڌ گرمي پد 31 کان 33 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو امڪان آهي.
شهر ۾ هوا ۾ نمي جو تناسب 88 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
ان کان علاوه، موسميات کاتي اڄ شهر جي مختلف علائقن ۾ بوندا باندی ۽ هلڪي برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language