ملير:(آچر 24 آگسٽ 2025ع)اسٽيل مل مان سامان چوري ڪرڻ ۾ ملوث چار پوليس آفيسرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ملير ضلعي پوليس جي ترجمان موجب، بن قاسم پوليس اسٽيل مل مان سامان چوري ڪرڻ ۾ ملوث چئن پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي.
ترجمان موجب، ڪارروائي جي نتيجي ۾ چار پوليس آفيسرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ترجمان وڌيڪ چيو ته چارئي جوابدار پوليس آفيسر هئا ۽ شاهين فورس ۾ مقرر هئا، جن جي قبضي مان 55 ڪلوگرام کان وڌيڪ ٽامي هٿ ڪيو ويو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language