تل ابيب:(جمعو 29 آگسٽ 2025ع)اسرائيلي فوج غزه سان گڏ يمن تي پنهنجا حملا جاري رکي رهي آهي، جنگي جهاز هڪ ڀيرو ٻيهر گادي واري هنڌ صنعا تي سخت بمباري ڪري رهيا آهن.
اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته تازين حملي ۾ حوثي هدفن ۽ حوثي جي غلبي واري انصار الله پارٽي جي ڪيترن ئي اڳواڻن کي نشانو بڻايو ويو آهي.
رپورٽن موجب، بمباري وقت انصار الله جو اڳواڻ عبدالمالڪ الحوثي ٽي وي تي ڳالهائي رهيو هو، جڏهن ته انصار الله اسرائيلي دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو.
ياد رهي ته اسرائيلي فوج چار ڏينهن اڳ يمن تي هوائي حملا ڪيا هئا، جنهن جي نتيجي ۾ 10 ماڻهو مارجي ويا ۽ 90 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا.
ان حوالي سان پرڏيهي ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته صنعا ۾ درجنوں اسرائيلي جهازن صدارتي ڪمپليڪس جي ويجهو ميزائلن، ايندھن جي گودامن ۽ بجلي گهرن کي نشانو بڻايو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language