
ڪراچي:(جمعو 01 آگسٽ 2025ع)سنڌ پوليس جا 6 باصلاحيت ڪانسٽيبلز، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ڪميشن وارو امتحان پاس ڪري اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر (اي ايس آءِ) طور چونڊجي ويا آهن.
ان موقعي تي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمن جي صدارت هيٺ پوليس اهلڪارن جي اعزاز ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن دوران هن خطاب ڪندي چيو ته پوليس اهلڪارن پاران ڪميشن جو امتحان پاس ڪري آفيسر ٿيڻ، پوليس فورس لاءِ مثبت ۽ همٿائيندڙ شروعات آهي.
آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته ڪميشن جو امتحان پاس ڪري آفيسر ٿيڻ، پوليس فورس ۾ تبديلي سان عوام کي وڌيڪ خوشگوار ۽ عوام دوست ماحول ملي رهيو آهي، جڏهن ته حڪومت طرفان به ٿاڻي سسٽم کي جديد بڻائڻ لاءِ مالي وسيلن جي فراهمي ڪئي وئي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پوليس طرفان ڏوھن مان خاص ڪري منشيات خلاف شروع ڪيل مهم جا بهترين نتيجا اچي رهيا آهن، سنڌ پوليس جو کاتو انهن ماڻهن لاءِ سهارو آهي، جن کي مدد جي ضرورت هجي ٿي.
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمن چيو ته خدمت جو مينڊيٽ سنڌ پوليس سميت چند ادارن وٽ آهي، جڏهن ته عوام جي بنيادي گهرج پوليس کان سڪيورٽي سروس آهي، جيڪا محفوظ زندگي لاءِ ضروري آهي.
آخر ۾ هن چيو ته غيرقانوني حرڪت جي خاتمي لاءِ سٺي سڪيورٽي فراهم ڪرڻ ئي بنيادي طريقو آهي، ۽ جڏهن پوليس ٽيم ورڪ سان ڪم ڪري ٿي ته نتيجا بهتر ايندا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language