welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ويتنام: طوفان سبب تيز برسات ۽ ٻوڏ، 3 ڄڻا فوت

ويٽنام:(اڱارو 26 آگسٽ 2025ع)ويٽنام ۾ طوفان ڪاجيڪي سبب 3 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب، طوفان ڪاجيڪي ويٽنام ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي، جنهن جي ڪري تيز برساتون، لينڊ سلائيڊنگ ۽ ٻوڏ آئي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب، طوفان سبب مختلف حادثن ۾ 3 ماڻهو فوت ۽ 10 ماڻهو زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته لڳ ڀڳ 7 هزار گهرن کي به نقصان پهتو آهي. ان کان علاوه، 28,000 ايڪڙ بيٺل چانورن جي فصلن ۾ پاڻي ڀرجي ويو ۽ 18,000 وڻ ڪري پيا، جڏهن ته ڪيترائي صوبا بجلي جي ٿنڀن جي ڪري اونداهي ۾ ٻڏي ويا. موسمياتي ايجنسي خبردار ڪيو آهي ته اتر ويٽنام جي ڪيترن ئي حصن ۾ برسات جاري رهندي، جنهن جي ڪري ڪجهه علائقن ۾ 6 ڪلاڪن ۾ 150 ملي ميٽر تائين مينهن پوڻ جو امڪان آهي، جيڪو امڪاني طور تي ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے