welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

هنگو: ايف سي قلعي تي حملي ۾ 3 آفيسر شهيد، 17 زخمي

ھنگو:(سومر 25 آگسٽ 2025ع)هنگو تحصيل ٽل جي علائقي دو آبه ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري (ايف سي) جي قلعي تي حملي ۾ 3 آفيسر شهيد ۽ 17 زخمي ٿيا. ايس پي آپريشنز اسد زبير موجب، دوآبا جي علائقي تواري ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري جي قلعي تي حملو ڪيو ويو. پوليس عملدارن موجب، دهشتگرد حملي ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري جا 3 سپاهي شهيد ۽ 17 زخمي ٿيا. ايس پي آپريشنز موجب، پوليس ۽ ايف سي جي سخت جوابي ڪارروائي سبب دهشتگرد فرار ٿي ويا. ايس پي اسد زبير چيو ته زخمي آفيسرن کي دوآبا اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے