لاھور:(اڱارو 26 آگسٽ 2025ع)پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري جاپان جي دوري تي آيل وفد جي ميمبرن بابت سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ فهرست کي ڪوڙو قرار ڏنو آهي.
پنهنجي بيان ۾ عظميٰ بخاري چيو ته جاپان جي دوري تي آيل وفد جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي لسٽ ڪوڙي آهي.
هن چيو ته وائرل لسٽ ۾ ڏنل نالا جاپان جي دوري تي آيل وفد ۾ شامل نه آهن، جڏهن ته سرڪاري دوري ۾ شامل ميمبرن کان علاوه ٻين پنهنجا خرچ پاڻ ادا ڪيا.
عظميٰ بخاري چيو ته قومي مفادن تي حملو ڪندڙ پاڪ-جاپان سفارتي لاڳاپن تي حملو ڪري رهيا آهن، ۽ وڏي وزير جي جاپان جي دوري خلاف شرمناڪ مهم قوم دشمني جي انتها آهي.
هن چيو ته وڏي وزير مريم نواز پنجاب جي ترقي لاءِ ڪم ڪندي رهندي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language