:
ڊيرہ:(جمعو 15 آگسٽ 2025ع)ڊيره اسماعيل خان جي دره بن باءِ پاس جي ڀرسان هوٽل تي ويٺل ايف سي اهلڪارن تي اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ايف سي جا ٻه اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته فائرنگ جي زد ۾ اچي هوٽل جو مالڪ سخت زخمي ٿي پيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي کان پوءِ هٿياربند فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن، جڏهن ته علائقي ۾ ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، جنهن کي کيس جلد گرفتار ڪيو ويندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language