welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سي ايس ايس جا نتيجا اعلان، صرف 2.77 سيڪڙو اميدوار ڪامياب

اسلام آباد:(ڇنڇر 23 آگسٽ 2025ع)فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن 2025 جي سي ايس ايس تحريري امتحان جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن پاران جاري ڪيل هڪ عوامي نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته 18,139 اميدوارن امتحان لاءِ درخواست ڏني هئي، جن مان 12,792 اميدوارن حصو ورتو، پر صرف 354 اميدوار ڪامياب ٿيا. اهڙي طرح، ڪاميابي جو تناسب صرف 2.77 سيڪڙو هو. فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن موجب، جن اميدوارن جا ڪيس رد ڪيا ويا آهن انهن جا نتيجا ضابطن موجب روڪيا ويا آهن. فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن موجب، ڪامياب اميدوارن کي ايندڙ مرحلن لاءِ جلد ئي مطلع ڪيو ويندو، جنهن ۾ طبي ٽيسٽ، نفسياتي تشخيص ۽ زباني امتحان (viva voce) شامل آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے